February 17, 2026 1:35 PM

بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ فنانس چيئرمين نجم الاسلام کي سندس عهدي تان هٽائي ڇڏيو

ڍاڪا: بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) فنانس چيئرمين نجم الاسلام کي سندس عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي.

بي سي بي موجب بورڊ جي صدر امين الاسلام آئين جي آرٽيڪل 31 تحت نجم الاسلام کي برطرف ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، جيڪو فيصلو رانديگرن جي سخت احتجاج ۽ مطالبن کانپوءِ ڪيو ويو.

ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته نجم الاسلام جي تازي بيان سبب بنگلاديشي رانديگرن ۾ شديد ڪاوڙ پيدا ٿي، جنهن ردعمل طور رانديگرن بنگلاديش پريميئر ليگ (بي پي ايل) جي ميچن جو بائيڪاٽ پڻ ڪيو. رانديگر مسلسل نجم الاسلام کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيا هئا.

بورڊ عملدارن موجب اهو قدم ڪرڪيٽ ۽ اداري جي وسيع مفاد ۾ کنيو ويو آهي، جيئن رانديگرن ۽ انتظاميه وچ ۾ اعتماد ٻيهر بحال ڪري سگهجي. بي سي بي اهو به واضح ڪيو آهي ته مستقبل ۾ اهڙن معاملن کي منهن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ شفاف پاليسيون اختيار ڪيون وينديون.