ڪراچي: خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ محمد سهيل خان آفريدي ڪراچي پهچي شهيد بلال محسود جي رهائشگاهه تي حاضري ڏني. بلال محسود ڪراچي اسٽريٽ موومينٽ دوران لياري ايڪسپريس وي تي پيش آيل واقعي ۾ شهيد ٿيو هو.
وزيراعليٰ شهيد جي وارثن سان ملاقات ڪري تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم لاءِ دعا ڪئي، جڏهن ته اتي موجود پارٽي ڪارڪنن ۽ لاڳاپيل ماڻهن کي به خطاب ڪيو.
پنهنجي خطاب ۾ وزيراعليٰ چيو ته هو خاص طور خيبر کان ڪراچي تعزيت لاءِ آيو آهي، ڇو ته اهو ئي نظرياتي رشتو آهي جيڪو خيبر ۽ ڪراچي کي ڳنڍي ٿو. هن چيو ته تحريڪ انصاف ملڪ جي واحد قومي جماعت آهي، جنهن جا ڪارڪن عمران خان جي نظريي هيٺ متحد آهن.
محمد سهيل خان آفريدي وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جا ڪارڪن پارٽي جو قيمتي سرمايو ۽ عمران خان جي امانت آهن، جن جي حفاظت ۽ سنڀال اسان سڀني جي ذميواري آهي. جيڪڏهن عمران خان اڄ جيل ۾ آهي ۽ ڪارڪنن کي اڪيلو ڇڏيو ويو ته نه قوم معاف ڪندي ۽ نه ئي عمران خان.
وزيراعليٰ چيو ته نظرياتي ڪارڪنن جي ڪري ئي تحريڪ کي طاقت ملي آهي ۽ انهن جي موجودگي سان جدوجهد وڌيڪ مضبوط ٿيندي ۽ حقيقي آزادي جو سفر ڪامياب ٿيندو. هن اعلان ڪيو ته شهيد بلال محسود جي ٻارن جي تعليم ۽ ڪفالت جي ذميواري پي ٽي آءِ سنڌ سنڀالي آهي ۽ پارٽي هر حال ۾ خاندان سان گڏ بيٺي رهندي.
