February 21, 2026 9:20 PM

پتنگ بازي تي لڳل پابندي جاري رهيندي، بسنت ملهائڻ لاءِ 6 کان 8 فيبروري تائين اجازت هوندي

لاهور: پنجاب جي گهرو وزير اعلان ڪيو آهي ته صوبائي سطح تي پتنگ بازي تي لڳل پابندي ختم نه ڪئي ويندي، جنهن ڪري بسنت ملهائڻ جا شوقين ماڻهن جون اڳواٽ تياريون بي نتيجا ٿي ويون آهن.

صوبائي گهرو کاتي موجب پتنگ اڏائڻ بابت موجود قانون تي سختي سان عملدرآمد ڪيو ويندو ۽ ان جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف بي رحم قانوني قدم کنيا ويندا. کاتي جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ بسنت ملهائڻ لاءِ رڳو 6 فيبروري کان 8 فيبروري تائين محدود ۽ ڪنٽرول ٿيل اجازت هوندي، جڏهن ته انهن تاريخن کان سواءِ ڪنهن به وقت پتنگ بازي غيرقانوني هوندي.

سرڪاري عملدارن جو چوڻ آهي ته مقرر ڪيل ڏينهن کان اڳ يا پوءِ پتنگ اڏائڻ فوجداري ڏوهه تصور ڪيو ويندو. گهرو کاتي اهو به واضح ڪيو آهي ته نه رڳو پتنگ اڏائڻ پر پتنگ ۽ ڊور جي تياري ۽ وڪري تي به پابندي برقرار رهندي.

گهرو کاتي موجب قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي پنجن سالن تائين قيد ۽ ويهه لک رپين تائين ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهجي ٿي، جڏهن ته پتنگ يا ڊور ٺاهڻ يا وڪرو ڪرڻ جي صورت ۾ ستن سالن تائين قيد ۽ پنجاهه لک رپين تائين ڏنڊ لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي.