واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽ موجب سعودي عرب جي اڳواڻي ۾ ڪجهه عرب رياستون ايران تي آمريڪي فوجي حملن جي شديد مخالفت ڪري رهيون آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب، قطر ۽ عمان آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران تي حملو ڪيو ويو ته عالمي تيل مارڪيٽ تي وڏو اثر پوندو، جيڪو سڌو آمريڪي معيشت تي به اثرانداز ٿيندو.
اخبار موجب، اهي عرب ملڪ بظاهر خاموش نظر اچن ٿا، پر پسِ منظر ۾ آمريڪا کي ايران خلاف فوجي ڪارروائي کان روڪڻ لاءِ لابنگ ڪري رهيا آهن. سعودي عملدارن ايران کي به يقين ڏياريو آهي ته اهي ڪنهن به تڪرار ۾ حصو نه وٺندا ۽ آمريڪا کي پنهنجي هوائي حدن مان استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا، جنهن سان آمريڪي حملي جي امڪان کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عرب رياستون ان ڳالهه کان پريشان آهن ته جيڪڏهن ايران تي فوجي حملو ٿيو ته هرمز جي تنگ گذرگاهه ۾ تيل جي ٽينڪرن جي آمد و رفت متاثر ٿي سگهي ٿي. هي تنگ سامونڊي گذرگاهه عالمي تيل جي فراهمي جو اهم حصو آهي، جنهن مان دنيا جي تقريباً پنجين حصي تيل گذري ٿو.
اخبار موجب، ٽرمپ انتظاميه اڃا واضح ناهي ڪئي ته ايران خلاف ڪهڙي قسم جي فوجي ڪارروائي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، پر آمريڪي عملدار چئي رهيا آهن ته حملو ڪرڻ جو امڪان موجود آهي. وائيٽ هائوس جي هڪ عملدار وال اسٽريٽ جرنل کي ٻڌايو ته صدر ٽرمپ وٽ ايران سان تعلق رکندي سڀئي آپشن موجود آهن ۽ مختلف مشورن کان پوءِ هو حتمي فيصلو ڪندو.
واضح رهي ته تازو ڏينهن صدر ٽرمپ ايران ۾ احتجاج ڪندڙن کي سڌو خطاب ڪندي چيو هو ته اهي حڪومت پاران احتجاج کي دٻائڻ جي ڪوششن جي مخالفت ڪن ۽ رياستي ادارن تي قبضو حاصل ڪرڻ ۾ مدد وٺن.
