سينيئر سٽيزن ايسوسيئيشن حيدرآباد سنڌ پنهنجي روايتي محبتن کي برقرار رکندي مرڪزي آفيس ۾ 13 جنوري تي ظهر نماز کانپوءِ عمرو ۽ مقدس زيارتون ادا ڪري آيل ميمبرن جي مان ۾ هڪ شانائتي تقريب منعقد ڪئي، جنهن کي ايسوسيئيشن جي يادگار پروگرامن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو.
تقريب ۾ انجنيئر خالد ميمڻ، آپا فرزانا گل (عمري جي سعادت حاصل ڪندڙ) ۽ سنڌ ٻولي، ادب ۽ سماج سان لاڳاپيل شخصيت، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي ساٿياڻي پبلشر ميڊم نذير ناز کي مقدس زيارتون ڪري اچڻ تي مبارڪون پيش ڪيون ويون. پروگرام ۾ ايسوسيئيشن جي صدر دريا خان بلوچ ۽ عهديدارن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
پروگرام جي شروعات پيرل خان کوسو (جوائنٽ سيڪريٽري) جي تلاوت سان ٿي، جڏهن ته نعت شريف انجنيئر خالد ميمڻ پڙهي محفل کي روحاني رنگ ڏنو. جنرل سيڪريٽري نزاڪت علي فاضلاڻي مهمانن کي ڀليڪار ڪندي ايسوسيئيشن جي فلاحي سرگرمين تي روشني وڌي. تقريب جي اسٽيج سيڪريٽري ڊاڪٽر رفيق قريشي هو.
انفارميشن سيڪريٽري منظور حسين ڪالرو ميڊم نذير ناز جو تعارفي خاڪو پيش ڪندي سندس تعليمي، ادبي ۽ فلاحي خدمتن کي ساراهيو. ان موقعي تي مهمانن کي اجرڪون، شالون، لونگيون، سنڌي ٽوپيون، هار ۽ تحفا پيش ڪيا ويا.
تقريب دوران سنڌ جي نامياري شاعر عاشق هالائي طرفان نڪور شاعري پيش ڪئي وئي، جنهن کي شرڪت ڪندڙن پاران خوب ساراهيو ويو. نائب صدر انجنيئر محمد اقبال ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته نون ميمبرن جي شموليت تنظيم جي ڪاميابي جو ثبوت آهي.
آخر ۾ صدر انجنيئر دريا خان بلوچ پنهنجي صدارتي خطاب ۾ ميمبرن جي ڀرپور شرڪت تي ٿورا ادا ڪندي چيو ته ايسوسيئيشن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هن موقعي تي سرگرم عهديدارن منظور حسين ڪالرو ۽ ڪوآرڊينيٽر نذير احمد شيخ کي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پيش ڪري همت افزائي ڪئي وئي.
تقريب ۾ مهمانن لاءِ تبرڪ، عجوہ کجورون ۽ آبِ زم زم پيش ڪيو ويو، جڏهن ته آخر ۾ فقير ارشاد حسين آف نصرپور، پروفيسر دودو خان، سليم احمد ڪيريو ۽ فرزانا گل صوفياڻا ڪلام پيش ڪري محفل کي روحاني سرور بخشيو.
