February 21, 2026 3:59 PM

ڪراچي: استاد پاران لٺ هڻڻ سبب زخمي ٿيندڙ 6 ورهين جو ٻار فوت ٿي ويو

ڪراچي جي علائقي منگھوپير ۾ مدرسي جي استاد پاران لٺ هڻڻ سبب زخمي ٿيندڙ 6 ورهين جو ٻار حسن فوت ٿي ويو آهي۔

حسن کي گذريل مهيني مدرسي جي معلم سر تي لٺ هڻي سخت زخمي ڪيو هو ٻار جي والد موجب واقعي کان ڪجهه ڏينهن پوءِ اسپتال مان حسن کي فارغ ڪيو ويو هو، پر ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد اوچتو طبيعت خراب ٿيڻ تي ٻيهر اسپتال داخل ڪرايو ويو۔

والد ٻڌايو ته حسن کي جناح اسپتال مان قومي اداري برائ امراضِ اطفال (NICH) منتقل ڪيو ويو، جتي هو اڄ دم ڏئي ويو۔

والد موجب ڊاڪٽرن ٻڌايو ته حسن جا ڦڦڙا ڪم ڪرڻ ڇڏي چڪا هئا، جنهن سبب سندس جان بچائي نه سگهجي۔