February 21, 2026 9:19 PM

اسلام آباد: گيس ليڪيج ڌماڪو، گهوٽ ۽ ڪنوار سميت 8 ڄڻا فوت، 10 زخمي

اسلام آباد جي سيڪٽر G-7/2 ۾ گهر ۾ گيس ليڪيج سبب ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ 10 زخمي ٿيا.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ چار گهر متاثر ٿيا، ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺ ڦاسي ويا.

ڊي سي اسلام آباد جي هدايت تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جنرل صاحبزادہ يوسف موقعي تي پهچي ريسڪيو آپريشن جي نگراني ڪئي. مجموعي طور تي 16 ماڻهن کي بچايو ويو، جڏهن ته فوت ٿيندڙن ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار به شامل آهن.

ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عرفان ميمڻ چيو ته G-7 گيس ليڪيج ڌماڪي ۾ فوتين جو تعداد 8 ٿي ويو آهي، جڏهن ته زخمين کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. واقعو پيش اچڻ بعد پمز اسپتال کي الرٽ ڪيو ويو ۽ ريسڪيو آپريشن جاري رهيا.

ابتدائي رپورٽ مطابق، سي ڊي اي ملازم شيري جي گذريل ڏينهن بارات هئي، رات جو بارات واپس موٽي ۽ گهر ۾ هيٽر جلندو رهيو. رات جي لوڊ شيڊنگ سبب هيٽر بند ٿي ويو، گهر ۾ تنگ جاءِ هجڻ ڪري گيس ڀرجي وئي، ۽ صبح جو ناشتي دوران ڌماڪو ٿي ويو.

اسلام آباد پوليس ترجمان ۽ ڊي آئي جي محمد جواد طارق پاڻ موقعي تي موجود آهن ۽ ريسڪيو آپريشن جي نگراني ڪري رهيا آهن. علائقو مڪمل طور تي ڪارڊن آف ڪيو ويو آهي ۽ زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته وڌيڪ تحقيقات جاري آهن.