ڪراچي: سنڌ جي وزير تعليم اعلان ڪيو آهي ته ٿڌ جي شدت کي ڏسندي اسڪولن ۾ اچڻ ۽ وڃڻ جا وقت تبديل ڪيا ويا آهن.
ذريعن موجب، اسڪول صبح 8 وڳي جي بدران 9 وڳي کليا ويندا ۽ ڇٽي جو وقت به هڪ ڪلاڪ وڌايو ويو آهي.
هي فيصلو سڀني سرڪاري ۽ نجي اسڪولن تي سومر کان لاڳو ٿيندو.
