ڄامشورو ۾ ايس يو پي مرڪزي صدر سيد زين شاه جي رهايشگاهه تي سڀاڻي هڪ وڏي تقريب ٿيندي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ ڪي پي ڪي جو وڏو وزير سُهيل آفريدي شرڪت ڪندو.
تقريب لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ۽ وزير سُهيل آفريدي کي ايس يو پي پاران شاندار آجيان ڏنو ويندو.
سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايس ايس پي ڄامشورو، جي ايم سيد ايڊيفينس جو دورو ڪري انتظاميا، مختلف ايس ايڇ اوز ۽ وڏي نفري کي مقرر جڳهن تي تعينات ڪيو.
ايس ايس پي پاڻ پڻ تقريب واري هنڌ تي پهچي، مرڪزي سينيئر اڳواڻ روشن ٻرڙو ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ سيڪيورٽي انتظامن بابت بريفنگ ورتي.
