رياض: سعودي وزارت داخلا اعلان ڪيو آهي ته اسسٽنٽ وزير داخلا برائے آپريشنز امور، ليفٽيننٽ جنرل سعيد بن عبداللہ القحطاني اڄ وفات ڪري ويا. وزارت پاران مرحوم جي خاندان ۽ لواحقين سان دل جي گهرائي سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ويو آهي.
سعودي وزير داخلا شهزادو عبدالعزيز بن سعود بن نائف پڻ فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ليفٽيننٽ جنرل سعيد القحطاني وزارت ۾ 60 سال تائين مثالي خدمتون سرانجام ڏنيون.
ليفٽيننٽ جنرل سعيد القحطاني ڪنگ فهد سيڪيورٽي ڪاليج مان گريجوئيشن ڪري چڪا هئا ۽ ڪيترن ئي اهم عهدن تي فائز رهيا.
