February 17, 2026 3:25 PM

پاڪستان ۽ سري لنڪا جو ٻيو ٽي ٽوئنٽي ميچ مينهن سبب منسوخ

دمبولا: پاڪستان ۽ سري لنڪا جي وچ ۾ ٽي ميچن تي مشتمل ٽي ٽوئنٽي سيريز جو ٻيو ميچ اڄ دمبولا ۾ کيڏڻ لاءِ مقرر هو، پر مسلسل مينهن سبب ميچ کي منسوخ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.

پهريون ٽي ٽوئنٽي ميچ پاڪستان ڪاميابي سان کٽي چڪو آهي، جنهن ۾ سري لنڪا کي 6 وڪٽن سان شڪست ڏني وئي، جنهن سبب گرين شرٽس سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل ڪري چڪا آهن.