پوليس مقابلي دوران مارجي ويل نوجوان نادر جمالي جون تصويرون، جيڪي ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي سان گڏ ڪڍرائي ويون هيون، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن.
تصويرون وائرل ٿيڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي پوليس جي ڪاررواين تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.
سوشل ميڊيا تي صارفين جو چوڻ آهي ته ڪو به دهشتگرد ماڻهو ايس ايس پي سان گڏ تصويرون ڪڍرائي نٿو سگهي، جڏهن ته نادر جمالي هڪ بهترين ۽ همدرد انسان هو. نادر جمالي جي قتل ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف فوري ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي.
وارثن موجب هڪ ئي رات ۾ نادر جمالي تي چار کان وڌيڪ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا. نادر جمالي جي سئوٽ مبين جمالي چيو ته نادر جمالي هڪ زميندار ۽ سماجي ورڪر انسان هو، جيڪو غريبن جو هميشه ساٿ ڏيندڙ هو.
سوشل ميڊيا تي ماڻهن جو چوڻ آهي ته نادر جمالي جو ايس ايس پي دادو سان گڏ موجود تصويرن جي روشني ۾، هو دهشتگرد ڪيئن ٿي سگهي ٿو.
