ٽنڊو غلام حيدر (رپورٽ – حاجي خان پنهور) ڪيلاش ڪولهي جي قاتل جي گرفتاري لاءِ ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڪولهي برادري پاران مين حيدرآباد–بدين روڊ تي شاهه بس اسٽاپ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري سبب ڪجهه وقت لاءِ ٽريفڪ به متاثر رهي.
ان موقعي تي عالم چند ڪولهي، لالچند مڪواڻون، ويرجي پرمار، کيمچند ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته تلهار پوليس جي نااهلي سبب مقتول ڪيلاش ڪولهي جي قتل ۾ ملوث جوابدار اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيو آهي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪولهي برادري سان گڏ سنڌ جو شعور به سراپا احتجاج بڻيل آهي، ان باوجود پوليس طرفان ڪا به اثرائتي ڪارروائي نظر نٿي اچي.
هنن مطالبو ڪيو ته قاتل کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
