February 17, 2026 3:24 PM

ڇهن مهينن دوران 21 هزار 668 نيون ڪمپنيون رجسٽر

رواں مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن دوران سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (SECP) 21 هزار 668 نيون ڪمپنيون رجسٽر ڪيون آهن۔

سيڪپ جي ترجمان موجب، انهن نون رجسٽرڊ ڪمپنين 30 ارب 70 ڪروڙ رپين جي ادا ڪيل سرمائي ۾ حصو وڌو آهي، جيڪو گذريل سال ساڳئي عرصي دوران رجسٽر ٿيل 16 هزار 839 ڪمپنين جي مقابلي ۾ 29 سيڪڙو وڌيڪ آهي۔ هن واڌ کان پوءِ ملڪ ۾ رجسٽرڊ ڪمپنين جو ڪل انگ وڌي 2 لک 79 هزار 724 ٿي ويو آهي۔

مختلف شعبن ۾ لڳاتار ترقي ڏسڻ ۾ آئي آهي۔ سڀ کان وڌيڪ نيون ڪمپنيون آئي ٽي ۽ اي ڪامرس شعبي ۾ رجسٽر ٿيون، جن جو انگ 4 هزار 277 رهيو۔ ان کان پوءِ ٽريڊنگ شعبي جون 2 هزار 997، سروسز جون 2 هزار 686 ۽ ريئل اسٽيٽ شعبي جون 2 هزار 31 ڪمپنيون شامل آهن، جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته ٽيڪنالاجي ۽ سروسز جا شعبا تيزي سان وڌي رهيا آهن۔

ترجمان موجب، غير ملڪي سيڙپڪارن جي دلچسپي به مضبوط رهي آهي۔ هن عرصي دوران 524 نون رجسٽرڊ ڪمپنين ذريعي 1 ارب 26 ڪروڙ رپين جي غير ملڪي سيڙپڪاري آئي، جنهن ۾ 731 غير ملڪي سيڙپڪارن حصو ورتو۔

سرمائيڪاري جي حوالي سان چين سڀ کان اڳتي رهيو، جنهن ڪل غير ملڪي سيڙپڪاري جو 71 سيڪڙو حصو وڌو۔ جڏهن ته آمريڪا 2 سيڪڙو، برطانيا، جرمني، ڏکڻ آفريڪا، ڏکڻ ڪوريا، ناروي، ويٽنام، نائجيريا ۽ بنگلاديش هر هڪ ملڪ هڪ سيڪڙو حصو وڌو۔ باقي 11 سيڪڙو غير ملڪي سيڙپڪاري ٻين ملڪن مان آئي۔