February 21, 2026 5:45 PM

ڪيلاش ڪولهي قتل ڪيس: سرفراز نظاماڻي جي گرفتاري لاءِ لڳل ڌرڻو تحريڪ ۾ تبديل

ڪيلاش ڪولهي جي قاتل سرفراز نظاماڻي جي گرفتاري لاءِ لڳل ڌرڻو هاڻي باقاعده تحريڪ جي صورت اختيار ڪري ويو آهي۔ احتجاج ڪندڙن شاميانا لڳائي مستقل ويهڪ قائم ڪري ڇڏي آهي ۽ اعلان ڪيو آهي ته قاتل جي گرفتاري تائين احتجاج جاري رهندو۔

چار ڏينهن اڳ زميندار سرفراز نظاماڻي ۽ هاري ڪيلاش ڪولهي وچ ۾ معمولي ڳالهه تان تڪرار وڌي جهيڙي ۾ تبديل ٿي ويو، جنهن دوران زميندار سرفراز نظاماڻي مبينا طور سڌي فائرنگ ڪري هاري ڪيلاش ڪولهي کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويو۔

واقعي کي چار ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس قاتل کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، جنهن خلاف علائقي ۾ سخت ڪاوڙ پکڙجي وئي آهي۔ متاثر خاندان ۽ علائقي واسي انصاف جي مطالبن سان روڊن تي نڪري آيا آهن ۽ اعلان ڪيو آهي ته قاتل جي گرفتاري تائين ڌرڻو ۽ احتجاج جاري رهندو۔