اسلام آباد (ڪلياڻ نيوز ٽي وي) اسلام آباد جي ضلعي ۽ سيشن ڪورٽس خيبرپختونخوا جي اڳوڻي وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور کي ڪيترين ئي ٻڌڻين ۾ پيش نه ٿيڻ سبب اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
شراب ۽ هٿيار برآمد ٿيڻ جي مقدمي جي ٻڌڻي دوران عدالت سندن گرفتاري وارنٽ به جاري ڪري ڇڏيا.
مقدمي جي ٻڌڻي جوڊيشل مجسٽرٽ مبشر حسن چشتي ڪئي، جنهن دوران عدالت علي امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏيڻ جو زباني فيصلو ٻڌايو.
ياد رهي ته علي امين گنڊاپور خلاف ٿانو باره ڪہو ۾ شراب ۽ هٿيار برآمد ٿيڻ جو ڪيس داخل ٿيل آهي.
