February 21, 2026 3:40 PM

بدين: صحافي اعجاز ملاح ۽ بسپ انچارج جواد ظفر جمالي وچ ۾ تڪرار ختم، صحافي اتحاد جي ڪردار سان غلط فهميون دور

بدين (رپورٽ – عاجز انور لاشاري) تلھار جي صحافي اعجاز علي ملاح ۽ بسپ انچارج تلھار جي جواد ظفر جمالي وچ ۾ ھلندڙ غلط فھمي جي بنياد تي تڪرار جو نڀيرو گذريل ڏينھن پوليس اسٽيشن تلھار ۾ صحافي اتحاد تلھار جي اڳواڻن جي موجودگي ۾ حل ڪرائي دلين ۾ مير صاف ڪرائي وئي.

صحافي اتحاد تلھار جي اڳواڻن ۾ معزز پريس ڪلب تلھار جي صدر محمد صديق ٿيٻو، سٽي پريس ڪلب جي صدر سردار حاجي خان لاشاري نيو پريس ڪلب جي صدر سردار سجاد چانڊيو ۽ عوامي پريس ڪلب تلھار جي صدر عاجز انور لاشاري جي موجودگي ۾ جواد ظفر جمالي ۽ صحافي اعجاز ملاح ٻنھي دوستن جون ٻنھي پاسن کان ڳالھيون ٻڌي جيڪي به غلط فھمي سبب ڪشيدگي جو ڪارڻ بڻيل خدشا ھئا عقلي ۽ علمي ذھانت سان دور ڪرائي ٻنھي کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو.

جڏھن ته ايس ايڇ او تلھار رياض سومرو وڏو منشي علي غلام ڀٽي، اي آيس آئي علي محمد باگراڻي صحافي اتحاد تلھار جي اڳواڻن جو موقف توڙي اھڙي فيصلي کي باخوبي سان ساراھيو.

ان حوالي سان صحافي اتحاد تلھار جي اڳواڻن واضع طور تي پنھنجي بيان ۾ چيو آھي ته ھاڻي ڪو به قلم ڌڻي اڪيلو ناھي جيڪي به اتحاد ۾ شامل پريس ڪلب آھن انھن جا ميمبر توڙي عھديدار اتحاد جو حصو آھن، رپورٽنگ حوالي سان يا رپورٽنگ ڪرڻ دوران ڪنھن به قلم ڌڻي سان ڪنھن به وڏيري يا ڀوتار جو ظلم يا جبر ھرگز برداشت نه ڪيو ويندو، جيڪڏھن ڪو به وڏيرو يا ڀوتار تڪڙو ٿي ڪري قلم ڌڻي خلاف بي گناھ اٿيو ته اسان اتحاد جا سمورا ساٿي گڏجي ھر آن وڏيري توڙي ڀوتار جو ڀرپور نموني سان مقابلو ڪري ڏيکارينداسين.

ان موقعي تي بابو جت، منور علي جتوئي، رستم علي ڪھيري، جمشيد ملاح ۽ ٻيا قلم ڌڻي پڻ موجود ھئا.