February 21, 2026 5:45 PM

تلھار: ڪيلاش ڪولهي جي قاتل کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف ڪولهي برادري جو لاش روڊ تي رکي ڌرڻو

تلھار جي يوسي پيرولاشاري جي ڳوٺ ڏاهو ڪولھي ۾ زميندار سرفراز نظاماڻي جي مبينا فائرنگ ۾ موقعي تي قتل ٿيل ڪيلاش ڪولھي جي قاتل کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف ڪولهي برادري جا سوين مرد ۽ عورتون احتجاج ڪندي بدين-حيدرآباد اسٽاپ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو.

ڌرڻي سبب بدين، حيدرآباد، مٺي ۽ ڪراچي ويندڙ ٽرئفڪ مڪمل طور معطل ٿي وئي. مظاهرين ڪيلاش ڪولھي جو لاش روڊ تي رکي سخت نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ته قاتل کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي، ۽ احتجاج ۾ چيو ويو ته پوليس هن مکيه جوابدار سرفراز نظاماڻي کي گرفتار ڪرڻ لاءِ عملي قدم نه کنيو آهي.

بعد ۾ سينيٽر ڪرشنا ڪماري ڌرڻي واري هنڌ پهچي انتظامين سان ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ قاتل جي گرفتاري جي خاطري کانپوءَ ڌرڻو ختم ڪيو ويو.