February 21, 2026 5:45 PM

دادو: ڦورو ڏينهن ڏٺي سون جي واپاري کان 13 لک 50 هزار رپيا ڦر ڪري فرار

دادو: (رپورٽ – عزيز احمد ملڪ) دادو ۾ پوسٽ آفيس سامهون ڏينهن ڏٺي جو سون جي واپاري کان وڏي ڦر جو واقعو پيش آيو، جتي ڪچهري روڊ تي نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ڦورن سون جي واپاري ڪيلاش ڪمار کان 13 لک 50 هزار رپيا لٽي فرار ٿي ويا۔

واقعي متعلق معلوم ٿيو آهي ته ڪيلاش ڪمار ميزان بئنڪ مان رقم ڪڍرائي جيئن ئي پوسٽ آفيس اڳيان پهتو ته ٽن موٽرسائيڪل تي سوار نقاب پوش جوابدارن روڪ ڪري کيس هٿيارن جي زور تي رقم ڦري ورتي ۽ بنا ڪنهن مزاحمت جي آساني سان فرار ٿي ويا، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ بيچيني وڌي وئي۔

اطلاع ملڻ تي پولیس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ جاچ شروع ڪري ڇڏي۔

ايس ايڇ او قربان قمبراڻي موجب سي سي ٽي وي ڪيمرائن جا فوٽيج پڻ حاصل ڪيا پيا وڃن ته جيئن جوابدارن تائين پهچجي سگهجي۔