پيپلز پارٽي ضلعي بدين طرفان قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 98هين سالگره ضلعي ڪائونسل بدين ۾ جوش، جذبي ۽ وڏي شاندار تقريب سان ملهائي وئي.
تقريب ۾ صدر پيپلز پارٽي ضلع بدين ڄام علي اصغر هاليپوٽو، ايم اين اي حاجي رسول بخش چانڊيو، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر سجاد علي چانڊيو، ليڊيز ونگ جي سيڪريٽري ساجده ٽالپر، تعلقا صدورن، ميونسپل ۽ ٽائون ڪاميٽين جي چيئرمينن ۽ پارٽي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
تقريب کي خطاب ڪندي ڄام علي اصغر هاليپوٽو چيو ته اڄ اسان دنيا جي عظيم ليڊر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڄمڻ جو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، جنهن ملڪ کي 1973ع جو آئين ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ذوالفقار علي ڀٽو جي مشن روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان کي اڳتي وڌائي رهيو آهي.
ايم اين اي حاجي رسول بخش چانڊيو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته جڏهن محترمه بينظير ڀٽو شهيد ٿي هئي تڏهن آصف علي زرداري “پاكستان کپي” جو نعرو هڻي ملڪ کي متحد رکيو. هن چيو ته اڄ پاڪستان دنيا جي سطح تي هڪ نمايان ۽ باوقار حيثيت رکي ٿو۔
