February 21, 2026 5:46 PM

ٽنڊو باگو: پوليس جي مبينا سرپرستي ۾ منشيات جي وڪري ۾ واڌ – شهري سراپا احتجاج

ٽنڊو باگو ۽ ان جي آس پاس جي علائقن ۾ منشيات جو استعمال تيزيءَ سان وڌي ويو آهي، جنهن سبب نوجوانن سميت هر عمر جا ماڻهو آئيس، هيروئن، شراب ۽ ٻيون نشي واريون شيون استعمال ڪرڻ لڳا آهن.

مقامي شهرين موجب منشيات جي کليل وڪري ۾ ڪجهه پوليس اهلڪارن جي مبينه سرپرستي پڻ شامل آهي، جنهن سبب آئيس، هيروئن، چرس ۽ ڀنگ عام مارڪيٽ واري شئي وانگر هٿ اچي رهيون آهن.

شهرين جو چوڻ آهي ته نشي جي عادت سبب خاص ڪري نوجوان ذهني ۽ جسماني بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، جڏهن ته نشو نه ملڻ تي ڪيترائي نشئي پنهنجي گهر ڀاتين ۽ پاڙيسرين سان جهيڙا ڪن ٿا ۽ چورين ۾ به ملوث ٿي وڃن ٿا.

مقامي ماڻهن ايس ايس پي بدين، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ٻين ذميوار اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته منشيات جي روڪٿام لاءِ سخت قدم کنيا وڃن ۽ منشيات فروش عناصر خلاف بنا ڪنهن رعايت جي ڪارروائي ڪئي وڃي۔