February 21, 2026 10:43 PM

سرگودھا: ٽڪ ٽاڪ وڊيو تي تڪرار، 2 ڄڻا قتل ۽ 5 زخمي

سرگودھا جي نواحی علائقي ۾ ٽڪ ٽاڪ لاءِ وڊيو ٺاهڻ جي تڪرار دوران فائرنگ ٿي وئي، جنهن ۾ 2 ڄڻا جان بحق ٿي ويا.

پوليس موجب گذريل رات تحصيل شاهپور سٽي جي علائقي ڪنڊان وٽ ٻن گروپن ۾ وڊيو ٺاهڻ ۽ اپلوڊ ڪرڻ تي جھڳڙو ٿيو جنهن دوران فائرنگ کان مسعود نالي نوجوان موقع تي فوت ٿي ويو.

واقعي ۾ 5 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا، جن ۾ 2 سگا ڀائر شامل آهن، زخمين مان 55 ساله شخص اسپتال ۾ دم توڙي ويو جنهن بعد مرڻ وارن جو تعداد ٻه ٿي ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ۾ ملوث ملزمان فرار آهن ۽ انهن جي ڳولا جاري آهي.