تلھار جي يو سي پيرو لاشاري جي ڳوٺ ڏاهو ڪولهي ۾ زميندار سرفراز نظاماڻي ۽ هاري ڪيلاش ڪولهي وچ ۾ معمولي تڪرار دوران جهيڙو ٿي پيو.
مقامي ڄاڻ موجب زميندار سرفراز نظاماڻي هاري ڪيلاش ڪولهي تي سڌي فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو ۽ بعد ۾ موقع تان فرار ٿي ويو.
ڳوٺاڻن جي اطلاع تي تلهار پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ مقتول جو لاش رورل هيلٿ سينٽر تي منتقل ڪيو.
