February 21, 2026 2:03 PM

"وياجي طرفان دٻاءُ؛ 8 لک رپيا ادا ڪر يا ڌيءَ جو سڱ ڏي" لطف الله سومرو قرآن پاڪ کڻي ٿاڻي تي پهچي ويو

وياجي طرفان دٻاءُ وڌايو ويو ته يا ته 8 لک رپيا ادا ڪر يا ڌيءَ جو سڱ ڏي.

زيادتي ۽ ڌمڪين خلاف لطف الله سومرو قرآن پاڪ هٿ ۾ کڻي ميان صاحب ٿاڻي تي پهچي ويو، جتي سندس فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو.

لطف الله سومري جو چوڻ آهي ته وياجي پاران غيرقانوني سود، ڌمڪيون ۽ سماجي طور بدنام ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جنهن ڪري هو مجبور ٿي قانون جو در کڙڪائڻ آيو.

پوليس موجب معاملي جي جاچ جاري آهي ۽ قانون مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي.