ٽنڊو باگو (رپورٽ – عزيزالله ٿيٻو) ٽنڊو باگو ۽ ان جي ڀرپاسي علائقن ۾ پيٽرول ايجنسي مافيا مڪمل طور بي قابو ٿي وئي آهي، جتي غيرقانوني ۽ غير معياري ايراني تيل سريعام وڪرو ڪيو پيو وڃي۔
مقامي ماڻهن موجب نه صرف تيل جي ماپ گهٽ ڏني پئي وڃي پر مارڪيٽ کان وڌيڪ اگهه پڻ وصول ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب عوام سخت پريشان آهي۔
شهرين شڪايت ڪئي آهي ته پيٽرول ايجنسين تي وڪرو ٿيندڙ ايراني تيل گاڏين جي انجڻن لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ضلعي انتظاميه ۽ ڪنزيومر پروٽيڪشن جا ادارا مڪمل طور خاموش آهن۔
عوام اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري نوٽيس وٺي پيٽرول ايجنسي مافيا خلاف قدم کنيا وڃن ۽ غيرقانوني تيل جي وڪري کي روڪيو وڃي۔
