راڌڻ (رپورٽ – اقبال احمد مڱڻھار) راڌڻ ريلوي اسٽيشن تي حاجي حسين بخش ايڊووڪيٽ، اسلم ميراڻي، حيدر علي رند ۽ ماما نظير بروهي جي اڳواڻي ۾ بند ٿيل ٽرينن جي فوري بحالي لاء احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
مظاهرين چيو ته بولان ميل ۽ خوشحال خان خٽڪ جي ٻئي ريڪ کي ML-2 تي ٻيهر بحال ڪري غريب مسافرن کي سفري سهولت فراهم ڪئي وڃي.
اڳواڻن ڇيو ته ٽرينون بند ڪرڻ سنڌ جي عوام سان ظلم برابر آهي، جنهن کي فوري طور ختم ڪيو وڃي.
مظاهرين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مطالبا نه مڃيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو۔
