February 21, 2026 5:52 PM

ڪراچي: مين هول مان هٿ آيل چار لاشن بابت ايم ايل او رپورٽ سامهون، فوتين ۾ ٻار ۽ عورتون شامل

ڪراچي: مائي ڪلاچي روڊ تي ڦاٽڪ ويجهو مين هول مان هٿ آيل چار لاشن بابت ايم ايل او جي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي۔

ايم ايل او رپورٽ موجب فوت ٿيلن جي عمرون 10 کان 40 ورهين جي وچ ۾ آهن۔

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 10 ورهين جي ٻار جو ڳلو ڪٽيل ۽ چهرو ڪچليو ويو هو، جڏهن ته ٻئي 15 ورهين جي ٻار جي ڳچي، چهري ۽ مٿي تي سخت زخمن جا نشان موجود آهن۔

رپورٽ موجب ٽين لاش 14 کان 16 ورهين جي ڇوڪري جي آهي، جنهن جي مٿي ۽ ڳلي تي به تشدد جا نشان مليا آهن۔

ايم ايل او رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته چوٿين لاش 35 کان 40 ورهين جي عورت جي آهي، جنهن جي مٿي، چهري ۽ هٿن تي به زخمن جا واضح نشان موجود آهن۔