ڪراچي جي مائي ڪلاچي علائقي جي ويجهو هڪ مين هول مان 4 لاش هٿ آيا آهن.
ڊي آءِ جي سائوٿ، اسد رضا، موجب فوت ٿيلن ۾ هڪ مرد، ٻه عورتون ۽ هڪ ٻار شامل آهن، لاش 10 کان 15 ڏينهن پراڻا آهن.
پوليس اختيارين چيو آهي ته شروعاتي جاچ موجب لاشن تي تشدد جا نشان موجود آهن، جڏهن ته جنهن مين هول مان لاش مليا آهن، ان ۾ رت جا نشان پڻ مليا آهن.
وزيراعليٰ سنڌ، مراد علي شاه، واقعي جو نوٽيس وٺندي پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن کي فوري جاچ جو حڪم ڏنو آهي.
وزيراعليٰ چيو آهي ته واقعي جي هر پهلو جو تفصيلي جائزو وٺي ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي، ۽ سنڌ حڪومت متاثر خاندانن کي انصاف فراهم ڪندي.
هن زور ڏنو ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي پهرين ذميواري آهي.
