February 21, 2026 10:44 PM

راولپنڊي: ڪنٽونمينٽ جنرل اسپتال جي واش روم ۾ عورتن جون وڊيوز رڪارڊ ڪرڻ جو انڪشاف

راولپنڊي جي ڪنٽونمينٽ جنرل اسپتال جي واش روم ۾ ڪجهه عورتن جون وڊيوز رڪارڊ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

اسپتال جي سيڪيورٽي سپروائيزر نعمان جي فرياد تي ٿاڻي ڪينٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ آر موجب جڏهن واش روم ۾ هڪ عورت رڙ ڪئي، ته سيڪيورٽي اهلڪار فوري طور تي موقعي تي پهچي جوابدار کي گرفتار ڪيو.

جوابدار جي موبائل مان نامناسب وڊيوز ملڻ کان بعد پوليس کي گهرايو ويو.

پوليس موجب، جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ سندس خلاف وڌيڪ جاچ جاري آهي.