February 22, 2026 12:10 AM

افغانستان: تيز برساتن ۽ سيلاب جي ڪري 15 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار

افغانستان ۾ تيز برساتن ۽ سيلاب جي ڪري 15 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.

پرڏيهي ميڊيا جي ذريعن موجب افغانستان جي نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جي ترجمان چيو ته افغانستان ۾ سياري جي پهرين بارش ٿي آهي.

ترجمان جي مطابق تيز برساتن ۽ برفباري جي ڪري هڪ ڊگهو سڪل موسم ته ختم ٿي ويو آهي، ان هوندي به سيلاب جي ڪري مختلف شهرن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 17 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته 11 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن.

ترجمان جو چوڻ آهي ته تيز برساتن ۽ سيلاب جي ڪري ملڪ جي وچ واري، اتر واري، ڏاکڻي ۽ اولھندي شهرن ۾ معمولات زندگي متاثر ٿي ويا آهن.

ان کان سواءِ سيلاب جي ڪري انفراسٽرڪچر کي به نقصان پهتو آهي جڏهن ته کوڙ سارا جانور پڻ مري ويا آهن.