وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو حتمي ڊزائن طلب ڪري ورتو آهي۔
سي ڊي اي هيڊڪوارٽرز ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ شهرين جي ڀلائي لاءِ جاري ڪيترن ئي منصوبن تي پيشرفت جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ جديد معيار جو ڪرڪيٽ اسٽيڊيم تعمير ڪيو ويندو، جنهن تي گهرو وزير 10 ڏينهن اندر حتمي ڊزائن پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي۔
ان کان علاوه اجلاس ۾ نيشنل پارڪ لاءِ مخصوص علائقو رکڻ، اسلام آباد ۾ جديد طرز جو سيِف سٽي پروجيڪٽ وڌائڻ ۽ ڪشمير چوک تي ٽريفڪ جي رواني لاءِ ”اسمارٽ انڊر پاس“ جوڙڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو۔
وفاقي گادي واري شهر ۾ فائیو اسٽار هوٽل جي تعمير لاءِ مشهور ڪمپنين جون خدمتون حاصل ڪرڻ، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ لاءِ خاص ٽيم ٺاهڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي هيڊڪوارٽرز لاءِ زمين مختص ڪرڻ به ايجنڊا جو حصو رهيو۔
اجلاس ۾ محسن نقوي 10 ڏينهن اندر اسمارٽ انڊر پاس جو حتمي ڊزائن ۽ اسلام آباد ۾ سالن کان خالي پيل ڪمرشل پلاٽن جي تفصيل به طلب ڪري ورتي۔ هن موقعي تي گهرو وزير چيو ته اسلام آباد ۾ تجاوزات خلاف آپريشن تيزي سان جاري رهندو، جڏهن تہ واگزار ڪيل زمين کي عوامي مفاد لاءِ استعمال ڪيو ويندو۔
ٻئي پاسي، نئين ڪنونشن سينٽر جي تعمير بابت مختلف تجويزن تي غور جاري آهي، جڏهن تہ فيڊرل ڪانسٽيبلري، رينجرز ۽ اسلام آباد ٽريفڪ پوليس جي هيڊڪوارٽرز لاءِ زمين مختص ڪرڻ بابت تجويزن جو پڻ جائزو ورتو پيو وڃي۔
