ملڪ ۾ سون جي قيمت مسلسل چوٿين ڏينهن ۽ سال 2026ع جي پهرين ڏينهن به گهٽجڻ جو عمل جاري رهيو.
آل پاڪستان صرافه جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في توله سون 2400 رپيا سستو ٿي ويو، جنهن بعد في توله قيمت گهٽجي 4 لک 54 هزار 562 رپيا ٿي وئي آهي۔
ايسوسيئيشن مطابق 10 گرام سون جو ڀاوَ 2058 رپيا گهٽجي 3 لک 89 هزار 713 رپيا رھيو آهي۔
واضح رهي ته صرف 4 ڏينهن دوران سون في توله 21 هزار 100 رپيا سستو ٿيو آهي۔
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي قيمت گهٽجڻ جو سلسلو برقرار آهي، جتي سون 24 ڊالر گهٽجي 4 هزار 322 ڊالر في اونس تي اچي ويو آهي۔
