دادو اي سيڪشن ٿاڻي جي حد غريب آباد واري علائقي ۾ گهٽي جي لنگهه تان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران بندوقون ۽ ڏنڊا هلڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 5 ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
زخمين ۾ هڪ ڌر جا گل حسن، يامين، وقار چانڊيو شامل آهن، جڏهن ته ٻي ڌر جا صادق ۽ عبدالرزاق چانڊيو زخمي ٿيا آهن.
زخمين کي اسپتال ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي، جڏهن ته صادق ۽ عبدالرزاق چانڊيي جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين سيوهڻ ريفر ڪيو پيو وڃي.
جهيڙي بعد ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، پوليس وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔
