February 21, 2026 7:12 PM

سون جي قيمت ۾ وڏي گهٽتائي رڪارڊ

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سون جي قيمت ۾ وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آل پاکستان جیمز ۽ جيولرز ايسوسيئيشن موجب هڪ توله سون جي قيمت ۾ 10 هزار 700 رپيا گهٽتائي آئي آهي، جنهن کانپوءِ في توله سون 4 لک 59 هزار 462 رپيا ٿي وئي آهي.

ساڳئي طرح 10 گرام سون جي قيمت ۾ به 9 هزار 174 رپيا گهٽتائي آئي آهي، ۽ نئون قيمت 3 لک 93 هزار 914 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي۔

عالمي مارڪيٽ ۾ پڻ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي ڏٺي وئي آهي، جتي في اونس سون جي قيمت 107 آمريڪي ڊالر گهٽجي 4 هزار 371 ڊالر ٿي وئي آهي۔