February 21, 2026 9:05 PM

پاڪستان تاجڪستان کي 14.5 ملين ڊالر جو حلال گوشت ايڪسپورٽ ڪندو

پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ واپار وڌائڻ لاءِ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جنهن تحت پاڪستان تاجڪستان ڏانهن 1 لک 43 هزار ٽن حلال گوشت موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 14.5 ملين ڊالر ٻڌائي وڃي ٿي۔

ايس آءِ ايف سي جي حڪمت عملي سان پاڪستان وچ-آسيا جي مارڪيٽن ڏانهن تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار کي 300 ملين ڊالر تائين وڌائڻ جا امڪان به وڌي ويا آهن۔

پاڪستان جي ڍور پالڻ ۽ حلال خوراڪ وارو کاتو نئين ترقي واري مرحلي ۾ داخل ٿيو آهي، جڏهن ته خليجي ملڪن ڏانهن گوشت جي موڪل ۾ پڻ واڌ ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪئي وئي آهي، جنهن سان پرڏيهي مُد ۾ به نمايان واڌ متوقع آهي۔

ٻنهي ملڪن وچ ۾ سڌي اڏامن جي شروعات، ڪاروباري لاڳاپن، سياحت ۽ ماڻهن جي آمدرفت کي وڌائڻ بابت به اتفاق ڪيو ويو آهي۔ گڏوگڏ شاگردن ۽ استادَن جي مٽا سٽا لاءِ تعليمي لکت (ايم او يو) تي دستخط جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي۔

ميٽ پروسيسنگ ۽ موڪل کاتي جي سربراهه نويد اقبال موجب، گوشت جي وڌندڙ موڪل ۽ واپار سان هارين ۽ ڍور پالڻ وارن لاءِ روزگار جا نوان رستا کلندا، جنهن سان ملڪ اندر معاشي تحرڪ وڌندو۔

ايس آءِ ايف سي جي سهڪار سان پاڪستان جي گوشت موڪل 9 ملڪن کان وڌي 13 ملڪن تائين پهچي وئي آهي، جيڪا هن شعبي لاءِ وڏي ڪاميابي قرار ڏني پئي وڃي۔