ڪراچي: (ڪلياڻ نويز ٽي وي) سنڌ حڪومت پاران سڀاڻ کان ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بس سروس شروع ڪئي ويندي، جيڪا ملير کان شارع فيصل تائين هلندي ۽ پيپلز بس سروس جيترو ئي ڪرايو رکيو ويو آهي۔
شرجيل ميمڻ اورنج لائين کي گرين لائين سان ڳنڍڻ واري منصوبو جو افتتاح ڪيو ۽ ٻڌايو ته ٻنهي لائينن لاءِ هاڻي هڪ ئي ڪارڊ هلندو، مسافرن کي ٻه ڀيرا ڪرايو نه ڏيڻا پوندا۔
شرجيل ميمڻ موجب ڊبل ڊيڪر بس سروس تجرباتي بنيادن تي محدود روٽ تي شروع ڪئي پئي وڃي ۽ جلد وڌيڪ بسون شامل ڪيون وينديون، جنهن سان ٽرئفڪ لوڊ گهٽجندو۔
سنڌ حڪومت ٻڌايو آهي ته ريڊ لائين منصوبو ٻيهر شروع ٿي ويو آهي، اورنج لائين جو چار ڪلوميٽر وارو حصو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ اي وي بسون به نون روٽن لاءِ تيار آهن۔
