اسلام آباد: پاڪستان حڪومت “پي آئي اي” جي نجيڪاري کان پوءِ هڪ اهم پيش رفت ڪندي قومي ايئر لائين جو نالو تبديل ڪري “اِيئر پاڪستان” رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب نئين نالي سان گڏ ايئر لائين جو لوگو، جهازن جا رنگ ۽ مجموعي ڊيزائن به جديد انداز ۾ تبديل ڪيا ويندا، جيئن ايئر لائين کي عالمي معيار مطابق نئين سڃاڻپ ملي سگهي. حڪومت جو مقصد آهي ته پي آئي اي سان جڙيل سالن کان موجود مالي بحران ۽ منفي تاثر کي ختم ڪري، نئين سڃاڻپ سان ان کي منافع بخش ادارو بڻايو وڃي.
حڪومتي عملدارن ٻڌايو آهي ته سرڪاري دستاويزن ۾ “اِيئر پاڪستان” جي نالي سان رجسٽريشن جو عمل شروع ٿي چڪو آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ جهازن تي نئون نالو ۽ لوگو واضح طور ڏسڻ ۾ ايندو. اختيارين موجب، اها تبديلي نجيڪاري عمل کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ اهم قدم آهي.
