ٽنڊوالهيار جي مسڻ ويجهو يوسي لانڍي جي ڳوٺ رئيس حاجي علڻ خان لغاري ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب سولنگي برادري جا چار گهر مڪمل طور سڙي خاڪ ٿي ويا. باهه ۾ ٻن نياڻين جا ڏاج سميت گهر جو سمورو سامان، ٻه مينهون ۽ ٻه ٻڪريون به سڙي مري ويا، جڏهن ته ٽي مينهون زخمي ٿي ويون.
باهه کانپوءِ متاثر خاندانن کي کليل آسمان هيٺ ويهڻ تي مجبور ٿيڻو پيو. باهه لڳڻ جو سبب اڃا معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته ڳوٺاڻن باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪيون.
متاثر سولنگي برادري انتظاميا ۽ وس وارن کان فوري امداد، رهائش ۽ مالي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي ته جيئن هو ٻيهر پنهنجي زندگيون بحال ڪري سگهن.
