February 21, 2026 5:46 PM

ٽنڊوالهيار: منشيات فروشن خلاف پوليس جون ڪامياب ڪارروائيون، وڏي مقدار ۾ منشيات ضبط

ٽنڊوالهيار ۾ ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو ۽ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار سيد سليم شاهه جي هدايتن تي ٽنڊوالهيار پوليس منشيات فروشن خلاف وڏي پيماني تي ڪارروايون ڪيون، جن دوران وڏي مقدار ۾ منشيات ضبط ڪندي ڪيترن ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.

پوليس جي مختلف ٿاڻن طرفان ڪيل ڪاررواين ۾ مجموعي طور تي 40 ليٽر ديشي شراب، 5430 عدد گٽڪا، 29 ڪلو خام مال ۽ 750 عدد مين پڙي هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته 13 جوابدارن کي گرفتار ڪري 10 ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون.

 

ڪجهه اهم ڪارروايون هيون:

  • ڊاسوڙي ٿاڻو: قادر بخش عرف قادرو ولد جمعون گرفتار، 40 ليٽر ديشي شراب ضبط، ڪرائيم نمبر 49/2025.
  • سنجر چانگ ٿاڻو: حسين ولد دليا گرفتار، 550 عدد گٽڪا ضبط، ڪرائيم نمبر 47/2025.
  • عمر ساند ٿاڻو: سڪندر ولد محمد رمضان ۽ گلزار ولد سائين بخش گرفتار، 250 عدد گٽڪا ۽ 150 عدد مين پڙي ضبط، ڪرائيم نمبر 123 ۽ 125/2025.
  • نصرپور ٿاڻو: محمد عابد ولد محمور خان ۽ غلام نبي ولد بشير احمد گرفتار، 400 عدد مين پڙي ۽ 29 ڪلو خام مال ضبط، ڪرائيم نمبر 94 ۽ 95/2025.
  • آر آر ايف ۽ بي سيڪشن ٿاڻو: سعيد رحمان ولد خانا گل پٺاڻ، امين الله ولد عبدالرحمان ۽ گل نبي ولد مقام سعيد گرفتار، 4400 عدد گٽڪا ضبط، ڪرائيم نمبر 279/2025.
  • مسن ٿاڻو: سجاد حسين ولد خادم حسين گرفتار، 230 عدد گٽڪا ضبط، ڪرائيم نمبر 62/2025.
  • اي سيڪشن ٿاڻو: محمد علي عرف ببلو ولد عرفان، عمران عرف شان ولد لياقت علي ۽ محمد اسلام ولد محمد انور گرفتار، 200 عدد مين پڙي ضبط، ڪرائيم نمبر 440 ۽ 445/2025.

 

پوليس اختيارين موجب منشيات فروشن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون ۽ سماج کي نقصان پهچائيندڙ عنصرن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي.