February 21, 2026 5:45 PM

عمرڪوٽ: مسجد ۾ مولوي پاران نينگر سان مبينا بدفعلي، ملزم گرفتار

عمرڪوٽ جي ڪنري شھر لڳ ڳوٺ ڀڏو ڪپري ۾ مسجد اندر قرآن پاڪ پڙهائڻ دوران هڪ نينگر سان مبينا بدفعلي جو واقعو سامهون آيو. واقعو ۾ ملوث جوابدار مولوي سڪندر چاچڙ کي ڪنري پوليس گرفتار ڪري سول ڪورٽ ون ڪنري ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت جوابدار کي جوڊيشنل رمانڊ تي سب جيل عمرڪوٽ اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت ۾ متاثر نينگر جو بيان قلم 164 تحت رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته هو مسجد ۾ قرآن پاڪ پڙهڻ ويندو هو، جتي مولوي زوري زيادتي ڪئي.

گرفتار جوابدار مولوي سڪندر چاچڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي نينگر سان بدفعلي جو اعتراف ڪندي چيو ته کيس غلطي ٿي وئي آهي ۽ هو پنهنجي ڪيل عمل تي شرمندو آهي، کيس معافي ڏني وڃي.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ واقعو پيش اچڻ بعد جوابدار جون شاگرد سان بدفعلي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون هيون، جنهن بعد متاثر نينگر جي والد ستار ڪپري جي فرياد تي ڪنري پوليس جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ۽ کيس گرفتار ڪيو.

واقعي بعد علائقي ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.