February 21, 2026 7:42 PM

جيڪب آباد: لوئراسٽاف الشھباز پينل جي اھم گڏجاڻي ٿي گذري

جيڪب آباد (رپورٽ: عبد الله ٻرڙو) لوئراسٽاف الشھباز پينل جي صدارت هيٺ هڪ اهم گڏجاڻي منعقد ٿي، جنهن جي صدارت طارق احمد لغاري ڪئي۔ گڏجاڻي ۾ لوئراسٽاف سنڌ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري معشوق علي ٻرڙو پڻ خصوصي شرڪت ڪئي۔

ان دوران امداد علي عرف جبل خان منجھو الشھباز پينل ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، جنهن تي موجود دوستن گلن جا هار پارايا ۽ مبارڪون ڏنيون۔ مرڪزي جنرل سيڪريٽري معشوق ٻرڙو کي پڻ گلن جا هار پارايا ويا ۽ الشھباز پينل جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو ويو۔

گڏجاڻي ۾ اڳواڻن چيو ته الشھباز پينل ضلعي ۾ مضبوط پينل آهي ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ ضلعي جي تعلقن تي اميدوار بيهاريا ويندا۔ مخالفت ڪندڙ ڪنهن به پينل کي سخت ٽف ٽائم ڏنو ويندو۔

اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اسان هر وقت لوئراسٽاف جي ميمبرن سان گڏ ڏک سک ۾ موجود آهيون ۽ انهن جا ڪيترائي مسئلا حل ڪيا ويا آهن. اهي اميد ظاهر ڪئي وئي آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ اهي پينل کي ڪاميابي ڏيندا۔

گڏجاڻي ۾ غلام رسول سومرو، غفار خان بروهي، محمد انور ڀرڳڙي، فقير محمد مراد لغاري، ولي محمد سومرو، عبدالقادر برهي، علي حسن سومرو، عبدالخالق لغاري، معشوق عمراڻي، محمد هاشم لغاري، شاهزمان ڪٽبار، علي مراد جکراڻي، خان محمد بروهي ۽ عرفان گولو شرڪت ڪئي۔