February 21, 2026 7:42 PM

آئيني ترميم ڀٽو خاندان جي قربانين جو قتل آهي: سيڪريٽري جنرل لائرز فورم پارٽي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

پيپلز پارٽي جي 26 هين ۽ 27 هين آئيني ترميم جي حمايت تي احتجاج ڪندي، پيپلز لائرز فورم جي سيڪريٽري جنرل اسد نواز ايڊووڪيٽ پارٽي جي سمورن عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

اسد نواز پنهنجي بيان ۾ چيو ته هو پي ايل ايف ۽ پيپلز پارٽي جي سمورن عهدن تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته 27 هين آئيني ترميم ذوالفقار ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي قربانين جو قتل آهي.

هن چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو 27 هين آئيني ترميم جي حمايت ڪري ڀٽو ۽ بينظير جي نظريي جي خلاف ورزي ڪئي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته بينظير ڀٽو جي آئين ۽ جمهوريت لاءِ قربانين کي سندس مڙس ۽ پٽ چٿي ڇڏيو آهي ۽ هن استعيفيٰ بلاول ڀٽو، صدر زرداري ۽ مجاز اٿارٽيز کي موڪلي ڏني آهي، ان واقعي سياسي حلقن ۾ هلچل مچائي ڇڏي آهي.