مظفرآباد: وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڪشمير ۾ ڪينسر جي تشخيص ۽ علاج لاءِ جديد سهولتن سان ليس ڪشمير انسٽيٽيوٽ آف نيوڪليئر ميڊيسن، آنڪولوجي اينڊ ريڊيو ٿراپي (ڪِنور) جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته دُکي انسانيت جي خدمت کان وڌيڪ ڪا به خدمت نٿي ٿي سگهي، مريضن کي 24 ڪلاڪ طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
وزيراعظم چيو ته کيس خوشي آهي ته آزاد ڪشمير ۾ ڪينسر جي علاج لاءِ اسپتال جو قيام عمل ۾ آيو آهي، اڳتي هلي مريضن کي پري پري شهرن ڏانهن ڏکيو ۽ مهانگو سفر ڪرڻو پوندو هو، جيڪو انتهائي تڪليف ڏيندڙ هوندو هو. هن ائٽامڪ انرجي ڪميشن، ايس پي ڊي، مخير حضرات ۽ ڊاڪٽرز جي ڪردار جي ساراهه ڪندي چيو ته هن منصوبو حقيقي معنيٰ ۾ انسانيت جي وڏي خدمت آهي.
تقريب ۾ وزيراعظم آزاد ڪشمير راجا فيصل ممتاز راٺور، احسن اقبال، رانا ثناءُالله، امير مقام، وفاقي وزيرن، آزاد ڪشمير جي ميمبرنِ اسيمبلي، چيئرمين پاڪستان ائٽامڪ انرجي ڪميشن، پروفيسرن ۽ سرجنن سميت وڏي تعداد ۾ مهمان شرڪت ڪئي.
شهباز شريف تقريب کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته هو پاڻ به ڪينسر جو مريض رهي چڪو آهي، تنهن ڪري کيس مريضن جي تڪليفن جو مڪمل احساس آهي. هن هدايت ڪئي ته جديد وسيلن کي استعمال ڪندي مريضن جو علاج بهتر نموني ڪيو وڃي، اسپتال ۾ موجود سهولتون هر وقت فعال رهن ۽ عملي جو رويو اهڙو هجي، جيڪو مريضن لاءِ همٿ جو سبب بڻجي.
ان کان اڳ وزيراعظم تختي تان پردو هٽائي اسپتال ۽ ميڊيڪل ڪاليج جو افتتاح ڪيو ۽ مختلف شعبن جو جائزو پڻ ورتو. کيس ٻڌايو ويو ته آزاد ڪشمير ۾ ڪينسر جي علاج لاءِ اڳ ڪا سهولت موجود نه هئي، هر سال لڳ ڀڳ هڪ هزار نوان مريض ۽ ڏهه هزار فالو اپ لاءِ ٻين شهرن جو رُخ ڪندا هئا، اسپتال جي قيام سان هاڻي مقامي سطح تي علاج ممڪن ٿي سگهندو.
چيئرمين پاڪستان ائٽامڪ انرجي ڪميشن راجا علي رضا انور خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ڪميشن جون ڪينسر جي علاج لاءِ 21 اسپتالون ڪم ڪري رهيون آهن، جن ۾ هڪ آزاد ڪشمير ۾ آهي، جتي گڏيل طور سالانه ڏهه لک مريضن جو علاج ڪيو وڃي ٿو، جن مان 60 سيڪڙو مريض آخري اسٽيج تي اسپتال ۾ پهچن ٿا.
ڊي جي انٽرنيشنل ائٽامڪ انرجي ايجنسي رافيل ماريانو گروسي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي چيو ته دنيا ۾ ڪينسر جي مريضن جو تعداد تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، 2050 تائين 75 سيڪڙو واڌ جو خدشو آهي. هن آزاد ڪشمير ۾ ڪينسر جي علاج لاءِ اسپتال جي قيام کي اهم سنگ ميل قرار ڏنو.
