افغان طالبان جي انٽيليجنس ايجنسي جي سربراھ عبدالحق واثق جو معاون ڪابل ۾ ٿيل هڪ ڌماڪي ۾ مارجي ويو.
افغان ميڊيا موجب، طالبان جي انٽيليجنس ايجنسي جي سربراهه عبدالحق واثق جي معاون مولوي نعمان جي گهر ۾ ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ مولوي نعمان موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس پٽ زخمي ٿيو آهي.
افغان ميڊيا جو چوڻ آهي ته طالبان اختيارين هن وقت تائين واقعي تي ڪو به باضابطه بيان جاري نه ڪيو آهي ۽ ڌماڪي جي اصل سبب بابت به ڪا تصديق ناهي ٿي، پر شڪ آهي ته ڌماڪو گئس سلنڈر ۾ نصب بارودي مواد جي ڦاٽڻ سبب ٿيو.
