ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ گنا منڊي ۾ هڪ گھر مان هڪ عورت ۽ ٽي معصوم ٻارن جا لاش هٿ آيا آهن.
ريسڪيو ذريعن مطابق چارئي لاشنون ڦاسي لڳل حالت ۾ مليا آهن جنهن ۾ 30 ورهين جي فاطمه، 10 ورهين جي سونم، 3 ورهين جي آرزو ۽ 2 ورهين جو ارمان شامل آهن.
پوليس موجب فوت ٿيل عورت جو تعلق افغانستان سان آهي، جڏهن ته سندس مڙس نجيب الله جو تعلق ليّہ سان آهي ۽ هو سبزي منڊي ۾ ڪم ڪندو آهي، نجيب الله جي بيان موجب واقعو گھرو تڪرار سبب پيش آيو.
پوليس مطابق نجيب الله ڪجهه عرصو اڳ افغان عورت فاطمه سان ٻي شادي ڪئي هئي. پوليس طرفان نجيب الله کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي وئي آهي
صوبائي گهرو وزير ضيا لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ايسٽ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جتي کين ٻڌايو ويو ته ابتدائي طور واقعي کي خودڪشي قرار ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته حتمي نتيجو شاهدن ۽ ثبوتن جي مڪمل جاچ کان پوءِ ئي سامهون ايندو.
گهرو وزير پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته تحقيقات مڪمل طور غيرجانبدار، شفاف ۽ تيز رفتاري سان ڪئي وڃي ۽ واقعي جي هر پهلوءَ کي باریک بینی سان ڏٺو وڃي، ته جيئن ذميوارن کي جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
