ٽنڊوغلام حيدر (رپورٽ – حاجي خان پنهور) ٽنڊي غلام حيدر مان 7 مهينا اڳ پيار جو پرڻون ڪندڙ پريمي جوڙو صغيران لغاري سندس مڙس عرفان لغاري هٿياربندن هٿان مبيناطور اغوا.
ان سلسلي ۾ اغوا ٿيل عرفان لغاري جي والد محمد خان لغاري ۽ ڀاء سعيد لغاري دانھيندي چيو ته جوڙو ماتلي مان دوائون وٺي واپس ڳوٺ گل محمد لغاري اچي رهيو هو ته هٿياربندن کيس ٽنڊوغلام حيدر مان مين حيدرآباد بدين روڊ تان اغوا ڪري ويا آهن، اسان جي نوجوان ڳوٺ ميهار لغاري مان ست مهينا پهرين پسند جو پرڻون ڪيو هو.
هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ٽنڊوغلام حيدر ٿاڻي جي ايس ايڇ او ٻڌايو ته جوڙو اغوا ناهي ٿيو ٻڌايو پيو وڃي ته ناري پنهنجي مرضي سان مائٽن ڏانهن وئي اهي جنهن وومين ٿاڻي تي پناهه ورتي آهي انجو جيڪو بيان ايندو اهئو ميڊيا جي سامهون آندو ويندو
