دادو (رپورٽ – عزيز احمد ملڪ) جڙيل شاهه مارڪيٽ ۾ بيمار ۽ مئل ٻڪري جو گوشت وڪرو ڪرڻ جو سنگين انڪشاف سامهون اچي ويو آهي، جيڪو عوامي صحت لاءِ وڏو خطرو قرار ڏنو پيو وڃي۔
ڪاسائي 4 هزار رپين عيوض مئل ٻڪري خريد ڪري گوشت وڪري لاءِ ڪٽڻ ۾ مصروف هو۔
صحافين پاران حاصل ڪيل وڊيو ۾ ڪاسائي کي مئل ٻڪري خريد ڪري رکندي صاف طور ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته سوال ڪرڻ تي ڪاسائي مارڪيٽ مان ڀڄي ويو۔ وڊيو ۾ سندس فرار ٿيڻ جا منظر به واضح آهن۔
واقعي انتظاميا ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سنگين لاپرواهي کي به وائکو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي شهرين سخت احتجاج ڪندي مئل ۽ ناقص گوشت وڪرو ڪندڙن خلاف فوري ۽ سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي۔
