ڄامشورو (رپورٽ: انور علي شورو) ڄامشورو ۾ عبدالوهاب ڪمپني LPG ڄامشورو نالي سان جديد LPG پلانٽ جو شاندار افتتاحي پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن سان علائقي جي رهواسين کي توانائي جي فراهمي ۾ اهم رليف ملڻ جي اميد آهي۔
افتتاحي تقريب جي صدارت ٽنگو خان بگٽي، وڏيرو مير طارق خان بگٽي، عبدالرحمان بگٽي ۽ سيد عارف شاهه ڪئي، جڏهن ته پروگرام ۾ پ پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر علي شورو، اڳوڻو ايم پي اي رئيس فقيرداد کوسو، سيد شهاب الدين شاهه حسيني (سربراهه سنڌ سيد ايسوسيئيشن) ۽ ٻين معزز مهمانن خصوصي شرڪت ڪئي۔
تقريب ۾ آر ٽي ڊي ڊي آءِ جي عطا الله چانڊيو، ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي، چيمبر آف ڪامرس ڄامشورو جي خليل احمد بلوچ، سيٺ بگوان داس، ميان توقير گڏوگڏ سياسي، سماجي ۽ ڪاروباري شخصيتن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔
ان موقعي تي علي بخش چانڊيو، سيد طالب شاهه، لالا صمد خان، شاهرج علي شورو، سيد اصغر شاهه، صدورو خان ۽ اسرار خان پڻ موجود هئا۔
پروگرام ۾ خطاب ڪندي ميزبانن چيو ته نئون LPG پلانٽ ڄامشورو جي عوام لاءِ سستي ۽ معياري گئس فراهمي جو ذريعو ثابت ٿيندو، جڏهن ته روزگار جا نوان موقعا به پيدا ٿيندا۔
