February 21, 2026 7:43 PM

دادو: پبلڪ هيلٿ کاتي جي آپريشن اينڊ مينٽيننس ۾ 5 ارب رپين جي مبينا ڪرپشن، نيب جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو

دادو (رپورٽ – عزيز احمد ملڪ) پبلڪ هيلٿ کاتي ۾ آپريشن ۽ مينٽيننس فنڊن ۾ 5 ارب رپين جي مبينا ڪرپشن واري ڪيس ۾ نيب سکر جاچ جو دائرو وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي.

شهري جي درخواست تي اڳتي وڌايل جاچ سلسلي ۾ نيب سکر درخواست گذار کي وڌيڪ ثبوت ۽ شاهد پيش ڪرڻ لاءِ خط جاري ڪيو آهي ۽ کيس 29 ڊسمبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

نيب سکر هن کان اڳ سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ ڪراچي کي نوٽيس جاري ڪري 5 سالن جو مڪمل رڪارڊ طلب ڪيو هو، جڏهن ته دادو شهر ۾ 90 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ فلٽريشن پلانٽ ۾ مبينا گهوٻين بابت پڻ رڪارڊ گهريو ويو هو.

پبلڪ هيلٿ کاتي طرفان آپريشن اينڊ مينٽيننس جو رڪارڊ نيب وٽ جمع ڪرايو ويو هو، جنهن بعد سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ دادو فلٽريشن پلانٽ جو دورو پڻ ڪيو هو.

سنڌ جي 7 ضلعن ۾ آپريشن اينڊ مينٽيننس جي هڪ ارب رپين کان وڌيڪ رقم ڪوٽيشن سسٽم ذريعي ڪڍي وئي هئي، جنهن بابت نيب وڌيڪ شواهد گڏ ڪري رهيو آهي.

مبينا ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي چيف انجنيئر شمس الدين شيخ ۽ انجنيئر عظمت ڦل خلاف نيب سکر ۾ جاچ جاري آهي، ذريعا ٻڌائن ٿا.