ڄامشورو (رپورٽ: انور علي شورو) پاڪستان پيپلز پارٽي ٽائون ڪاميٽي پاران شهيد راڻي بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ”سلام بينظير ڀٽو عوامي“ جلسو آر بي بي ڪالوني ڄامشورو ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
جلسي کي خطاب ڪندي پي پي ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر علي شورو چيو ته شهيد راڻي بينظير ڀٽو عوامي حقن لاءِ پنهنجو رت ڏنو، تنهن ڪري اڄ به عوام کيس محبت سان ياد ڪري ٿو. هن چيو ته شهيد ذوالفقار ڀٽو جي شهادت بعد بينظير ڀٽو پارٽي سنڀالي ۽ عوام لاءِ جدوجهد جاري رکي.
ڊاڪٽر سڪندر شورو وڌيڪ چيو ته سنڌ درياهه تي نئين ڪئنال ٺاهڻ خلاف بلاول ڀٽو زرداري وفاق آڏو مضبوط ڪيس رکيو، جنهن بعد اهو منصوبو واپس ورتو ويو. هن چيو ته بلاول ڀٽو دنيا اڳيان پاڪستان جو بهتر ۽ مضبوط ڪيس پيش ڪري رهيو آهي، جنهن سان ملڪ ۾ ترقيءَ جا در کلي رهيا آهن.
ايم پي اي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڄامشورو ۾ ڪيترين ترقياتي اسڪيمون شروع ڪيون ويون آهن، وڌيڪ منصوبا به جلد شروع ڪيا ويندا.
هن گاڏين جي نمبر پليٽن تي اجرڪ جي مبينا تذليل واري معاملي بابت چيو ته اها “اڻڄاڻائي ۾ ٿيل غلطي هئي، جنهن تي لاڳاپيل پارٽي معافي ورتي، ان ڪري هاڻي ان کي معاف ڪري ڇڏڻ گهرجي.”
